اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي،ماهيگير سمند ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي سنڌ ۾ 2 جولاءِ کان تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي ماهيگيرن کي سمند ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آحي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ 2 کان 5 جولاءِ دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿيندي، جنهن سبب ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته عربي سمنڊ ۽ بنگالي نار مان گهميل هوائون اوڀر 2 جولاءِ کان سنڌ ۾ داخل ٿينديون. موسميات کاتي موجب، موسمي نظام جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص، ٺٽي، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ 2 کان 5 جولاءِ دوران وڏي پئماني تي تيز هوا، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب نواب شاهه، نوشهري فيروز، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، شڪارپور، قمبر – شهدادڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برسات ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ ٻوڏ جي ڪيفيت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهو مينهن چانورن جي فصل جي پوکي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ پاڻي کوٽ به ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مهاڻن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اهي 3 کان 5 جولاءِ تائين ٻوڏ جهڙي صورتحال سبب سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته برسات کان اڳ تيز هوائن ۽ آنڌاري جا به چٽا امڪان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button