سنڌ

مبارڪپور مان چوري ٿيل مينهن جا پيرا کڻندڙ ڳوٺاڻا يرغمال، ڦرلٽ، متاثرن جو ڌرڻو

ميان صاحب ويجهو جيڪب آباد ضلعي جي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ پورهيت پٺاڻ مهر جي گهر ۾ گهڙي نامعلوم چور هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ويا، جنهن بعد ڀاڳين ڳوٺاڻن سان گڏجي چورن جا پيرا کنيا، جيڪي همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ڏيئا ويجهو لڳا، جتي نامعلوم هٿياربندن چوري جا پيرا کڻندڙ ڀاڳين کي يرغمال بڻائي سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد 6 موٽرسائيڪلون ۽ چار بندوقون ڦرڻ بعد فرار ٿي ويا، جنهن بعد متاثر ڀاڳين ڳوٺاڻن سان گڏجي همايون شريف ٿاڻي تي ڌرڻو هنيو، جيڪب آباد – شڪارپور قومي شاهراهه روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بند ٿيڻ سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، نٽهڻ اس ۽ گرمي ۾ ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ جاويد لاکير پهچي مظاهرين کي روڊ کولڻ لا منٿون ڪيون ۽ جلد ڦورن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل مينهن ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلن سميت ٻيو سامان واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر پوليس ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان ۽ چوري ٿيل مينهن واپس نه موٽائي ته ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button