سنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ کير ٿر ڪئنال پل تي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

کير ٿر ڪئنال پل تي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڳڙھي ياسين کير ٿر ڪئنال پل تي سالار شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف يوسي شيران پور، علڻ پور ۽ يوسي محمد پور جي ڳوٺ الاهي بخش کوسو، محمد پور اوڍو، احمد پور جکرو ۽ محمد صلاح بروھي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي گلشير کوسو، احمد علي جکرو ۽ محمد صلاح بروھي دانهيندي چيو ته سالار شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب فصلن جو نقصان ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، هنن چيو اي سي آبپاشي سلطان مهر جي نااهلي سبب اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، آبپاشي عملدار ۽ حڪومت پاڻي بحران جا ذميوار آهن. ھنن چيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي بلوچستان کي ڏنو پيو وڃي، جيڪا سراسر نا انصافي آهي، ڌرڻي 3 ڪلاڪ گذرڻ بعد ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين رالف پٺاڻ ڳالهين لا پهتو ته آبادگارن کيس واپس موٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين آبپاشي عملدار نه ايندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو. ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ سبب لاڙڪاڻي-شڪارپور انڊس ھاءِ وي روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي سخت گرمي ۾ تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، ڪافي ڪلاڪ گذرڻ بعد شڪارپور جو آبپاشي انجنيئر امجد علي جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري کين پاڻي فراهمي جي يقين ڌياني ڪرائي جنهن بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button