سنڌ

راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، شٽربند هڙتال، احتجاجي ريلي

راڻيپور مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل آديش ڪمار بازياب نه ٿي سگھيو، شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. رپورٽ موجب راڻيپور جي شھباز ڪالوني مان 3 ڏينھن اڳ ڏينھن ڏٺي جو اغوا ٿي ويل آديش ڪمار جو ڪوبه پتو پئجي نه سگھيو، واقعي خلاف راڻيپور شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جنھن بعد شھرين، سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن وڏي انگ ۾ کير بازار کان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي، جيڪا شھر جي مختلف رستن شاھي بازار، صراف بازار، درزي بازار کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي. ريلي جي اڳواڻي ھيرو مل، مکي نانڪ رام، ڊاڪٽر نظير کوکر، آزاد مجيب ڀيلار، الطاف عباسي، شوڪت گھانگھرو، علي امداد لاڙڪ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. اڳواڻن چيو ته آديش جو بازياب نه ٿيڻ ھتان جي انتظاميه جي نااھلي آھي، پوليس صرف آسرا ڏئي وقت وڃائي رھي آھي. ھنن چيو ته راڻيپور جي ڪاروباري ماڻھن کي تنگ ڪري ھتان جو امن خراب ڪيو پيو وڃي، 3 ڏھاڙن کان پوليس ڪوڙا آسرا ۽ دلاسا ڏئي رھي آھي، اسان کي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته آديش کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو، جو ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود نينگر کي بازياب ناهي ڪرايو ويو. ھنن چيو ته اچوڪي ڏينھن ۾ آديش کي بازياب نه ڪرايو ويو ته اڄ صبح جو شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو ويندو، ان جا ذميوار ھتان جي انتظاميه ھوندي. ٻئي پاسي نينگر آديش جي پيءُ ھيرو مل ۽ سندس ڏاڏي ميڊيا سان ڳالھائيندي پنھنجي جذبن تي قابو نه رکندي روئي ويٺا. ھنن گھر ڪئي ته اسان جي ٻچي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button