ڪوٽڙي/ٽنڊو محمد خان: جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض چانڊيو سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، ڌارين جي آبادڪاري خلاف 3 جولا تي حيدرآباد جي واڌو واهه ڀرسان بائي پاس وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض چانڊيو ۽ مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن کي دعوت ڏيڻ بعد وڪيلن کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پيئڻ توڙي زراعت لا پاڻي جي شديد کوٽ آهي، سنڌ جي عوام کي 91 ٺاهه تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فوري طور ڏنو وڃي، اسان جو ڊيلٽا ايگريڪلچر نظام سڄو تباهه ٿي رهيو آهي، سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، پ پ 2023ع جون چونڊون سرائيڪي بيلٽ پنجاب مان کٽڻ لا سنڌو درياهه تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، پ پ پ جي وڏيرن کي زمينن لا پاڻي ملي ٿو، پر سنڌ جي ماڻهن لا پاڻي ناهي، خورشيد شاهه پاڻي چوري ڪرڻ واري عمل ۾ ملوث آهي. رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته افغانستان جو بارڊر کوليو ويو آهي، جيئن افغاني سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد ٿين، افغانين کي پنجاب جي نادرا قومي سڃاڻپ ڪارڊ نٿي ٺاهي ڏي ۽ سنڌ جي نادرا انهن افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي ٿي، وزيراعلي جو صلاحڪار به افغاني آهي، اسان جي اسيمبلي ۾ به افغاني ويٺل آهن، ان لا فوري طور ڌارين لوڌ کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. ان موقعي ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ راجا جواد احمد ساهڙ، ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، آغا ڪوثر احمد، فهيم انڙ، عبدالحڪيم چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close