محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پيپلزپارٽي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جيڪا ڪنهن چور دروازي سان نه پر عوام جي ووٽنگ جي طاقت سان ايوان ۾ اچي ٿي، سنڌ جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ جهڙي طرح سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيپلزپارٽي سمورين سياسي پارٽين کي ڪلين سوئپ ڪيو، اهڙي طرح ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ به ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پنهنجي آفيسر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي پي ٽي آئي سان تعلق رکندڙ سوين عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي اعلان جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙن ۾ تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جو اڳوڻو نائب صدر فضل وهاب، ڪورنگي ضلعي جو اڳوڻو نائب صدر حاجي فقير محمد، الاهي برادري جو محمد روحان، حبيب الله ۽ ٻيا شامل آهن. سعيد غني چيو ته اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ٿا ته عوامي مسئلا کوڙ سارا آهن پر انهن جي حل لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو هوندو. هن کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳوڻي يو سي وائيس چيئرمين ۽ پارلياماني ليڊر ڊي ايم سي اوڀر، اڳوڻي ڊپٽي آرگنايئزر پي ٽي آئي اوڀر ۽ پي ٽي آئي جي باني ميمبر سرتاج خٽڪ به سعيد غني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close