سنڌ جي ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئيٽ ذريعي پيپلز بس سروس جي روٽ 2 جي خوشخبري ڏئي ڇڏي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي بس سروس جو ٻيون روٽ پهرين جولاءِ (اڄ) کان شروع ٿي رهيو آهي، ٻيو روٽ نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال ڪورنگي تائين ھوندو. پيپلز بس سروس ناگن چورنگي، شفيق موڙ، سھراب ڳوٺ، گلشن چورنگي، جوڙ موڙ، ڊرگ روڊ، شاهھ فيصل ڪالوني کان ٿيندي سنگر چورنگي تائين ھلندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي بهترين ٽرانسپورٽ سروس فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close