سنڌ

سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت نه ٿيڻ خلاف حيسڪو آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي شوڪت ڌوٻي والا ۽ طارق ڪالوني جي رهواسين بجلي جي سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت نه ٿيڻ خلاف حيسڪو آفيس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ڀڃ ڊاهه ڪئي، حيسڪو اختيارين واقعي ۾ ملوث 5 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر ٿاڻي تي جمع ڪرائي ڇڏيو. خبر موجب لطيف آباد جي علائقي شوڪت ڌوٻي والا جي رهواسين علائقي جو سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت نه ڪرائڻ تي لطيف آباد 5 ۾ واقع حيسڪو شهيد اميد علي سب ڊويزن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي. هوڏانهن حيسڪو ترجمان موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل علائقي جو ٽرانسفارمر 3 ڀيرا سڙي چڪو آهي، جيڪو مرمت ڪري لڳايو ويو، جڏهن ته ڪالهه ٻيهر اهو ٽرانسفارمر سڙيو آهي، جنهن ٽرانسفارمر تي 34 صارفين رجسٽرڊ آهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button