سنڌ

ڏوڪري جي پبلڪ لائبريري ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ڏوڪري جي پبلڪ لائبريري ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن دانهيندي چيو ته ڏوڪري تعلقي جي واحد پبلڪ لائبريري ۾ بنيادي سهولتون بجلي، پنکا، پاڻي جي کوٽ، واشروم، ايئر ڪنڊيشن غير فعال هجڻ، فرنيچر، پارڪنگ، ڪتابن جي سار سنڀال نه ٿيڻ سميت وڏي کوٽ هجڻ ڪري شاگرد پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن ميونسپالٽي، سول سوسائٽي ۽ انتظاميا کي چتاءُ ٿو ڏجي ته پبلڪ لائبريري کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ۽ اي سي ڏوڪري آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button