پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ چرس جي اڏي خلاف ڳوٺاڻن جي ريلي

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان سرعام هلندڙ چرس جي اڏي خلاف ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ مير حسن ڪلوئي ۾ چرس ۽ آفيم جو اڏو سرعام هلڻ لڳو، جنهن خلاف ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي ڊسڪو موري تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گلشاد علي ڪلوئي، محمد علي ڪلوئي، محمد جميل ڪلوئي، فاروق احمد ڪلوئي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بااثر منشيات فروش لائق ڪلوئي سرعام چرس ۽ آفيم جو اڏو هلائي رهيو آهي، جنهن ڪري ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا نوجوان نشي جا عادي ٿي رهيا آهن، منشيات فروش معصوم ٻارن کي لالچ ڏئي موالين تائين چرس اماڻين ٿا، اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارن تي چرس جو اڏو خراب اثر ڇڏي رهيو آهي. نوجوان ۽ ٻار منشيات واپرائڻ جا عادي بڻجي رهيا آهن. هنن چيو ته منشيات فروش لائق ڪلوئي رپيٽر ڏيکاري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته منشيات فروش کي گرفتار ڪري چرس ۽ آفيم جو اڏو بند ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button