پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ هٿرادو طور بدحالي پيدا ڪئي وئي آهي:رياض چانڊيو

ٽنڊوالهيار: جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، ڌاري آبادڪاري ۽ وڌندڙ مھانگائي خلاف سڀاڻي حيدرآباد بائي پاس واڌو واهھ وٽ ڌرڻو ھڻي پنجاب جو روڊ بند ڪيو ويندو. محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي ڪامارو شريف، عثمان شاھه ھڙي ۽ ٽنڊوالھيار شھر ۾ شھرين کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جي پنجن ضلعن جي عھديدارن جو اجلاس راشدي ھائوس تي پارٽي سربراهھ رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ لڳندڙ ڌرڻي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ عوامي شرڪت لا فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ کي انساني ترقي جا قدرتي، مالي ۽ پيداواري وسيلا ھن ملڪ جي باقي قومن کان وڌيڪ آھن، پر ھي تاريخ جي تلخ حقيقت آھي ته ھڪ منظم رٿا تحت سنڌي قوم لا هٿرادو طور بک، ڏڪار ۽ ماحولياتي تباھي برپا ڪئي وئي آھي ۽ سنڌي ملڪ اندر غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارين ٿا، اھا عالمي بئنڪ جي رپورٽ آھي، معاشي بدحالي ۽ مستقل بيماريون رکڻ لا حڪمرانن درياهھ پنجاب کي لکي ڏئي ڇڏيو آھي. پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي اڻاٺ مستقل برقرار آھي، جر ۾ زھر شامل ٿي ويو آھي. پاڻي نه هجڻ سبب فصل سڪي رهيا آهن، مٿان وري حڪمرانن تيل مهانگو ڪري سنڌ جي ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، باغي ڪالرو، انتظار رند، عابد ڪوري، امجد شورو، امجد ڪوري، حسنين بلوچ، وقار بوزدار، ملڪ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button