پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف مزدورن جو مظاهرو، ڌرڻو

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف مزدور اڳواڻ حيدر لاشاري، امداد ڀنڊ، وقار جمالي ۽ بابر فقير سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري چانڊيا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن چيو ته نااهل وزيراعظم شهباز شريف جي اچڻ سان تيل جون قيمتون هڪ ئي مهيني ۾ چار دفعا وڌايون ويون آهن، جنهن ڪري پورهيت ۽ مزدورن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور فاقاڪشي تي مجبور آهن، وزيراعظم طرفان اعلانيل ٻن هزارن مان في خاندان جو راشن به نٿو ملي. هنن اعليٰ اختيارين کان وڌندڙ مهانگائي کي ٻنجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button