پاڪستانسنڌ

فريدآباد ڀرسان لفٽ مشين چوري ڪرڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن تي تشدد

فريدآباد (ن، سنڌ ايڪسپريس) فريدآباد لڳ ڳوٺ عاليوال جي رھواسي پ پ جي نامزد ڪائونسلر برڪت چانڊيو جي سارين تي رکيل لفٽ مشين مبينا چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن بعد چورن جا پيرا کڻڻ دوران علي جان چانڊيو، سھراب ۽ شھمير چانڊيو ڀاڳين تي ڏمرجي پيا ۽ ڳوٺاڻن تي لتن مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن خلاف برڪت چانڊيو، بخت چانڊيو ۽ نياز حسين چانڊيو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ھنن چيو ته مشين چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران جوابدارن موتمار ڌمڪيون ڏنيون، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button