پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بجلي بند هجڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ تعلقي ٿاڻي جي حد اختر ڪالوني، اشتياق ٽائون ۽ نوري آباد ڪالونين جي واسين 15 ڏينهن کان بجلي نه هجڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ٻن ڪلاڪن تائين ميرپورخاص-حيدرآباد ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران رهواسين حيسڪو عملي خلاف نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي محمد رفيق، اظهر پٺاڻ، سليم شيخ، محمد شيخ، شاهنواز باجواه، فيضان سومرو، تاج محمد پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته هن سخت گرمي ۾ اسان جي ٽن ڪالونين ۾ گذريل 15 ڏينهن کان بجلي ناهي، حيسڪو وارا ٽرانسفارمر کڻي ويا هئا، جيڪي اڃان تائين کڻي ناهن آيا، هاڻ حيسڪو عملدار ڪالوني واسين کان 3 ٽرانسفارمر لڳائي ڏيڻ لا پئسا گهري رهيا آهن، 15 ڏينهن کان بجلي نه هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، حيسڪو وارا ظلم ڪري رهيا آهن. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ٽرانسفارمر لڳائي جلد بجلي بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button