پاڪستانپنجاب

سينيئر صحافي اياز امير تي حملو، تشدد جو نشانو بڻايو ويو

لاهور: لاهور ۾ سينيئر صحافي اياز امير تي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي. ذريعن مطابق اياز امير هڪ خانگي ٽي وي جي آفيس مان نڪتو ته اڻڄاتل ماڻهن کيس روڪي تشدد جو نشانو بڻايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن تشدد ڪري اياز امير کان موبائل فون ۽ پرس به ڦري ورتو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن ۾ اياز امير جا ڪپڙا ڦاٽل نظر اچي رهيا آهن. واضح رهي ته سينيئر صحافي اياز امير تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي سندس ئي تقريب ۾ تنقيد ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button