سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رفيق ملاح، سيد رستم شاهه، ٻڍل مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊبل روڊ لائين پار کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، ريلي ۾ تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻ رستم شاهه آزاد اميدوار طور فارم ڀرايو ھو، جنھن جو فارم بحال ٿيڻ بعد اليڪشن ۾ 372 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ اتي موجود سڀني پارٽين جي ايجنٽن به تسليم ڪيو، آر او پاران سندس کٽڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري آفيس ۾ به لڳرايو ويو، جڏهن ته انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٽن ڏينهن کانپوءِ ضلعي انتظاميا ۽ آر او، رستم شاهه کي ٻيھر ڳڻپ ۾ 172 ووٽ ڏيکاري پيپلزپارٽي جي اميدوار مشتاق شاهه، جيڪو چوٿين نمبر تي ھو، ان کي کٽرايو آھي، جيڪا زيادتي آھي. ھنن چيو ته آر او اقبال تنيو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ونگار وھي رھيو آھي ۽ پنھنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪريل حرڪتون ڪري رھيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي ۽ ٻيھر چونڊون ڪرايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close