پاڪستانپنجابسنڌ

پنجاب جي وڏي وزير لا 20 تڪ اهم بڻجي ويا،نوازليگ جي پوزيشن مضبوط

أحيدرآباد (رپورٽ: سترام سانگي)پنجاب جي وڏي وزير جي ڪاميابي لا صوبي جي 20 تڪن تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون اهميت اختيار ڪري ويون. بظاهر پنجاب جي وزيراعليٰ جي چونڊ لا نوازليگ جي پوزيشن سگهاري نظر اچي رهي آهي، پر ڪاميابي ماڻڻ لا 20 مان 9 سيٽون کٽڻيون پونديون. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آئيني بحران موجود آهن. پنجاب اسيمبلي جي ايوان جون ڪل سيٽون 371 آهن، جن مان وڏي وزير جي چونڊ کٽڻ لا ڪل 186 سيٽون گهربل آهن. پنجاب ۾ پارٽي پوزيشن کي ڏٺو وڃي ته هن وقت نوازليگ ۽ اتحادين وٽ 177 سيٽون موجود آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادين وٽ 169 سيٽون موجود آهن. ان کانسوا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان اليڪشن ڪميشن کي 5 مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حوالي سان حڪم ڏنو ويو آهي. ان لحاظ جيڪڏهن اهي 5 سيٽون ملائجن ته پي ٽي آ ۽ اتحادين وٽ ڪل 174 سيٽون ٿين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ هن وقت 17 جولا تي 20 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ڪافي اهميت اختيار ڪري وئي آهي ڇو ته انهن تڪن تان نوازليگ کي حمزا شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير چونڊرائڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 9 سيٽون کٽڻ لازمي آهي، تڏهن وڏ وزارت لا پوزيشن مضبوط ٿيندي. ساڳي ريت تحريڪ انصاف ۽ اتحادين کي پڻ وڏي وزير جو منصب ماڻڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 12 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي تڏهن وڃي پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪالهه ان معاملي تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته حمزا شهباز تيستائين پنجاب جو وڏو وزير برقرار رهندو، جيستائين نئين چونڊ نٿي ٿي، جيڪا ٻيهر 22 جولا تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پارٽي پوزيشن جي حوالي سان حڪمران جماعت نوازليگ ۽ اتحادين وٽ 371 جي ايوان مان ڪل 177 سيٽون آهن، جنهن ۾ نوازليگ جون 165 سيٽون، پيپلز پارٽي جون 7 سيٽون، راهه حق پارٽي جي هڪ سيٽ ۽ آزاد اميدوارن جون 4 سيٽون شامل آهن. ان جي ابتڙ تحريڪ انصاف ۽ اتحادين وٽ 169 سيٽون آهن، جن مان پي ٽي آ جون 158، مسلم ليگ ق جون 10 سيٽون ۽ هڪ آزاد اميدوار جي سيٽ شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button