چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ ۾ فوج ۽ رينجرز جي ضرورت پوندي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۾ ٽن ڊويزن جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چوندن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته 24 جولاءِ تي ٻيو مرحلو ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ 223 آفيسر مقرر ڪيا ويا ۽ 21 هزار 298 اميدوارن حصو ورتو. هن چيو ته هي تمام وڏي مشق هئي، سموري عمل ۾ حڪومت سان رابطا قائم رکيا. چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن به ميٽنگ ڪئي هئي، مون کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي ته چونڊ کي پرامن بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي شڪايتون مليون، جنهن جو ترت ازالو ڪيو ويو. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪئميرائون به لڳايون ويون هيون، پهرين فيز جي چونڊ کان پوءِ هاڻي فيز ٽو جون تياريون آخري مرحلن ۾ آهن. اليڪشن ڪمشنر چيو ته ٻئي مرحلي ۽ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ ۾ فوج ۽ رينجرز جي ضرورت پوندي، چونڊن ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين. اميدوار ۽ سياسي پارٽيون ضابطئه اخلاق جي پاسداري ڪن. اعجاز انور چوهاڻ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ چونڊ عمل جاري آهي، 13 هزار 518 فارم جمع ڪرايا ويا آهن، 172 رٽرننگ آفيسر 16 ڊي آر اوز هوندا، ٺٽو ۽ حيدرآباد جا ڊي آر اوز اليڪشن ڪميشن جا آهن، ٻين ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرز ڊي آر او جون ذميواريون ادا ڪندا. هن ٻڌايو ته اين اي 245 ننڍي چونڊ لاءِ 270 پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ هزار 80 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا آهن، جنهن ۾ 31 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو چند ملازمن تي ٻڌل هوندو آهي، امن امان جي ذميواري پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هوندي آهي، پهرئين مرحلي جي ڀيٽ 2015 سان ڪئي وڃي ته چٽو فرق ايندو، اسان کي آرمي ۽ رينجرز جي اهلڪارن جي سخت ضرورت پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close