سنڌ

بلاول ڪميٽي ٺاهي،ڌانڌلي ثابت نه ٿي ته معافي وٺنداسين:جي يو آ

جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کي رد ڪريون ٿا، بلاول کي ٻيهر درخواست آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي، توهان جي پارٽي جي ڌانڌلي ثابت نه ٿي ته نتيجا تسليم ڪرڻ سان گڏ معافي به وٺنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومري چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين سازش تحت جي يو آءِ کي ٻن صوبن تائين محدود ڪيو ويو آهي، خاص طور سنڌ ۾ رستو روڪيو پيو وڃي، سدائين سنڌ ۾ جي يو آءِ جي مينڊيٽ تي ئي ڇو ڌاڙو هنيو ويندو آهي، سنڌ حڪومت جي هٺ ڌرمي خلاف صوبائي سطح تي تحريڪ هلائڻ لاءِ جي يو آءِ سنڌ جي مجلس شوريٰ جو اجلاس 6 جولاءِ تي حيدرآباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مان اميد هئي ته هو جي يو آءِ سنڌ جي خدشن جو نوٽيس وٺي پنهنجي صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪندو، صوبائي حڪومت پگهادار ملازمن کي ذميواري ڏني، جي يو آءِ جن تڪن ۾ ري ڪائونٽنگ جون درخواستون ڏنيون، اهي سڀ رد ڪيون ويون، جڏهن ته پ پ اسان جي کٽيل تڪن ۾ ري ڪائونٽنگ ڪرائي رهي آهي، اسان بلاول کي ٻيهر درخواست ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي، توهان جي پارٽي جي ڌانڌلي ثابت نه ٿي ته نتيجا تسليم ڪرڻ سان گڏ معافي به وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت اسان جي تقريبن ڏيڍ سئو ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس ڪيا، ٽن ڪيسن ۾ دهشتگردي جا سنگين قلم لڳايا ويا، ڏيڍ سئو ڪارڪن مختلف هنڌن تي تشدد سان زخمي ٿيا، سرڪاري مشينري جو استعمال ڪيو ويو، ٺپا هنيا ويا، جيڪڏهن اهڙيون تڪراري چونڊون ڪرائڻيون هيون ته بهتر هو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري پنهنجي ڪارڪنن جون نامزدگيون ڪن ها. راشد محمود سومري چيو ته پ پ پنهنجي مرضي سان مڪاني بل اسيمبلي مان منظور ڪرايو ۽ من پسند تڪ بنديون ڪيون، سنڌ ۾ پوليس گردي ۽ غنڊا گردي جمعيت علماءِ اسلام جو رستو روڪيو آهي، لا اينڊ آرڊر جي صورتحال تي رينجرز جا هٿ پير ٻڌا ويا هئا، پ پ مڪاني بل 2021 ۾ آل پارٽيز جي پڌرائيءَ سميت سپريم ڪورٽ جي آرڊرن کي به نظرانداز ڪيو، سپريم ڪورٽ کي به درخواست آهي ته اها توهين عدالت جو نوٽيس وٺي ۽ سنڌ کي عوام کي انصاف ڏياري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button