سنڌ

بخشاپور ويجهو زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل

بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عالم چاچڙ ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان ٿيل پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ڇتي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري 40 ورھين جو نوجوان شھمير چاچڙ ٿڏي تي قتل ٿي ويو. اطلاع تي بخشاپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ۽ نوجوان جو لاش ھٿ ڪرڻ بعد ضروري ڪارروائي لا ٿاڻي تي آندو جتان پوسٽ مارٽم لا بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. قتل واري واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان پراڻي تڪرار سبب جھيڙو ٿيو، جنهن ۾ ھڪ نوجوان مارجي ويو آهي، جڏهن ته جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ھن وقت تائين قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button