سنڌ

قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن جا مظاهرا

قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيا آهن. قمبر ۾ وارهه واسي امانت علي تنيو، خادم تنيو، غلام حسين بروهي ۽ ٻين چيو ته تعلقي وارهه جون سيٽون ظاهر نه ٿيون ڪيون وڃن، وارهه تعلقي جون سيٽون نصيرآباد کي ڏنيون پيون وڃن جيڪو ظلم آهي، جڏهن ته اسان کي سکڻا آسرا ڏنا وڃن ٿا ھنن چيو ته اسان 40 کان 55 مارڪون کڻندڙ اميدوار آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رتوديرو جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي واجد علي ابڙو، مختيار ابڙو، رضا چنو، سرتاج احمد سومرو، اعجاز جاگيراڻي ۽ ٻين چيو تعليم کاتي رتوديرو جي عملدار سموريون سيٽون ظاهر نه ڪري من پسند اميدوارن کي ڏئي اسانکي نظر انداز ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سموريون لڪايل پوسٽون ظاهر ڪري ميرٽ تي آفر آرڊر جاري ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button