پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم جي مال پڙي ۾ سهولتن جي کوٽ، ٽئڪس ۾ 3 سئو سيڪڙو واڌ

ٽنڊوآدم: عيدالضحيٰ ويجهو ايندي ئي ٽنڊي آدم ۾ بين الصوبائي مال پڙي چوپائي مال سان سٿجي وئي. سنڌ سميت پنجاب ۽ بلوچستان جا واپاري پهچي ويا. ٺيڪيدار جانورن جي انٽري فيس 3 سئو سيڪڙو وڌائي ڇڏي. ٻاڪري مال جو وڪرو 30 هزارن کان ڏيڍ لک تائين ۽ ڳائي مال جو وڪرو ڏيڍ لک کان ساڍن ٽن لکن تائين نظر آيو. قرباني لا مال خريد ڪندڙ شهرين توڙي واپارين چيو ته مال مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سڄو سال مال جي پرورش ڪري پنهنجي ٻارن جو روزگار ڪندڙ مالوندن چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ سڄو سال مال کي چارو کارائڻ سميت سار سنڀال ڪرڻ جو ڏکيو ڪم ڪريون ٿا، ان باوجود ايترو اجورو نٿو ملي، جيترو اسان جو حق ٿئي ٿو. معلوم ٿيو آهي ته قانوني طور مال خريد ڪندڙ کان پرچي ڏئي اوڳاڙي ڪرڻي آهي، پر پڙي اندر خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ ٻنهي کان غير قانوني اوڳاڙي جاري آهي. ٺيڪيدار ننڍي ڍور تي 200 کان 250 رپيا خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ کان ڌار وٺي پيو، وڏي مال جي 2500 رپيا في فيس مقرر آهي. واپارين دانهيو ته مال پڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت مال کي بيهارڻ لا ڪابه سهولت ناهي. ساڳئي ريت ٽنڊوآدم ميونسپل جي ٺيڪيدار پاران شهري حدن ۾ ننڍين گاڏين، چنگچي رڪشائن ۽ ويگنن کان روڊ ٽئڪس وٺڻ بدران اڳ ۾ ختم ڪيل ضلعي ڪائونسل جي ناڪن باب شاهنواز جوڻيجو گيٽ، فوجي موڙ ۽ ٻين هنڌن تان خريداري ڪري واپس ويندڙ سوزوڪين، ٽرالرن ۽ مزدائن کان 100 کان 500 رپين تائين روڊ ٽئڪس ورتو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button