پاڪستانسنڌ

غلام نبي شاهه ۾ ڦٽي جو اگهه ڪيرائڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھه: غلام نبي شاھه ۾ ڦٽي جو اگهھ ڪيرائڻ ۽ اٽي جو اگهھ وڌائڻ خلاف ايس يو پي جي سڌ تي ايس يو پي اڳواڻ قادر ڪنڀر، ھمير ڀيل ۽ دولت ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن باب شاھه آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته غلام نبي شاھه شھر ۾ واپارين جي ملي ڀگت سبب ڦٽي جو ريٽ 9500 مان گھٽائي 63 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آھي. ڀاڻ، دوا ۽ ٻج جو خرچ به ڳچي پئجي ويندو، ڦٽي جو اگھه گھٽجڻ سبب آبادگار ۽ ھاري پريشانين ۾ مبتلا آھن، ڳرا خرچ ڪري پوکيل فصل گھٽ ريٽ ۾ وڃڻ ڪري لکين رپين جو نقصان ٿئي پيو، مٿان وري اٽي چڪي مالڪن ڪڻڪ جي اٽي جو اگهھ وڌائي 35 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو آحي، جيڪو ظلم آهي، چڪي مافيا 3500 رپيا مڻ اٽو ۽ مڻ تي 2 ڪلو ڪٽوتي ڪري ٿي. هنن ڊي سي عمرڪوٽ ۽ مختيارڪار پٿورو کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦٽي جو اگهھ مناسب مقرر ڪرائي واپارين پاران مڻ تي 2 ڪلو ڪٽوتي ختم ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button