پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ تانيا خاصخيلي ڪيس، گواهه بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ڪوٽڙي: ڄامشورو جي عدالت ۾ جهانگارا ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي شنوائي ٿي. شنوائي دوران عدالت ۾ تانيا جي ڀيڻ دعا خاصخيلي پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ صمد خاصخيلي سان گڏ عدالت پهتي، عدالت ۾ تانيا قتل ڪيس جي گواهه ايس ايڇ او مظهر نائچ پهچي بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن کانپو عدالت ٻڌڻي 14 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته سيوهڻ جي جهانگارا واري علائقي ۾ 07 سيپٽمبر 2017 تي جوابدار خانو نوحاڻي طرفان شادي کان انڪار ڪرڻ تي ناري تانيا خاصخيلي کي ساٿين سان گڏجي بيدردي سان قتل ڪيو هو، جنهن کانپو ڄامشورو جي عدالت ۾ پنجن سالن کان ڪيس هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button