سنڌ

رتوديرو ۾ جي يو آءِ جو چونڊن ۾ ڌاندلي خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

رتوديرو ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران 26 جون تي مڪاني چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عزيزيه مدرسي کان نڪتل احتجاج ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين شهر جي مک رستن جو گشت ڪندا بس اسٽينڊ پهتا، جتي مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي جي يو آ اڳواڻن مولانا محفوظ الرحمٰن سومرو، عبدالغفار جويو، مولانا طارق سومرو، مراد مارفاڻي، عبدالله جويو، لالا اسماعيل دراني، عبدالرحمٰن فاروقي، سرفراز سومرو، عبدالحڪيم رباني، عبدالفتاح چنو، ڪاشف قريشي ۽ عاشق سومرو چيو ته 26 جون تي ٿيل مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جيان تعلقي رتوديرو ۾ به بدترين ڌانڌالي ڪرائي وئي، پوليس ۽ ادارن ذريعي جي يو آءِ جي ايجنٽن تي تشدد ڪري ايجنٽ اغوا ڪيا ويا ۽ من پسند نتيجا حاصل ڪيا ويا. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اميدوارن کي مليل ووٽر لسٽن ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن وٽ موجود ووٽر لسٽن ۾ زمين آسمان جو فرق هو، سرڪاري ملازمن کي آر اوز مقرر ڪيو ويو، جيڪو عمل بدنيتي تي ٻڌل هو. هنن چيو ته عورت ايم پي اي سيمي سومرو وارڊ 7 جي پولنگ اسٽيشن تي سڄو ڏينهن ويهي پاڻ ووٽ ڪرايا، وارڊ 8 جي پولنگ اسٽيشن تي جاويد عارباڻي پاڻ ويٺل رهو، جنهن پنهنجي حامي اميدوار کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ ڌانڌلي ڪرائي. هنن چيو ته جلد جي يو آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف گھوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button