سيتاروڊ: سيتاروڊ ۾ بئنڪ بند ڪرڻ جي فيصلي خلاف سيتا سرجڻهار فورم پاران 26هين ڏينهن به مشهور ميمڻ، شهزاد ميمڻ، قمرالدين چهواڻ، احسان الاهي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ملازمن جي اڍنگي رويي سبب واپاري بئنڪ ۾ اڪائونٽ نه کولرايا جنهن سبب برانچ لاسز ۾ وئي آهي، اختيارين ملازمن بدران بئنڪ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت قبول ناهي. هنن اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close