پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ واسي ڪينسر ۾ ورتل، اختيارين علاج نه ڪرايو

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ جي باغ پاڙي جو رھواسي ڪريم لغاري وات جي ڪينسر سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، گهر ۾ فاقن واري صورتحال باوجود ڪنهن به سندس مدد نه ڪئي. ڪريم لغاري ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڪجھه عرصو اڳ عطائي ڊاڪٽر جاويد جميل کان ڏاٺون ڪڍرايون، جنھن بعد تڪليف وڌي وئي، ٽيسٽ ڪرائڻ بعد وات جو ڪينسر ظاھر ٿيو، هن وقت نوابشاھه جي نورين ھاسپٽل مان علاج ڪرائي رھيو آھيان، منھنجي گھر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، علاج جا پئسا نه ھجڻ سبب گھر به وڪرو ڪري ڇڏيو، مون کي ڪينسر عطائي ڊاڪٽر جاويد جميل جي نااهلي سبب ٿيو آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن گهر ڪئي ته منهنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي عطائي ڊاڪٽر جاويد جميل خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button