پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ بجلي ڪاٽڻ خلاف رهواسين جو احتجاجي ڌرڻو

ڊگهڙي: ڊگھڙي شهر جي مالهي پاڙي جي رهواسين حيسڪو عملي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان مکي رميش ڪمار مالهي، مبشر پراچا، مدن لال مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ميرپورخاص-ڪوٽ غلام روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي رهواسين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان واپڊا وارن اسان جي پاڙي جي بلاجواز بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، اسان حيسڪو عملي کان سبب پڇيو ته انهن اهو جواز ڄاڻايو ته اوهان جي ڀرسان واري ملڪ پاڙي جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، اسان کي خدشو آهي ته انهي پاڙي جا رهواسي اوهان جي ٽرانسفارمر مان ڪنيڪشن حاصل ڪندا، ان ڪري ٽرانسفارمر جون لنڪون لاهي ڇڏيون آهن. هنن چيو ته حيسڪو عملي جي نااهلي سبب برسات ۽ گرمي ۾ سخت پريشان آهيون، پر حيسڪو وارا بجلي بحال ڪرڻ لا تيار ناهن، بجلي نه هجڻ سبب معصوم ٻار، پيرسن، عورتون ۽ مريض عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، اسان واپڊا وارن کي بجلي بحال ڪرڻ لا بار بار اپيل ڪئي، پر اسان جي ڪير هڪ به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن گهر ڪئي ته جلد بجلي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي سبب ڪيترائي ڪلاڪ برسات دوران گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button