پاڪستانپنجاب

ٻن ڏينهن اندر تحريڪ انصاف ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي: فياض چوهاڻ

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس تحريڪ انصاف ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ چيو ته مون کي نو ڪالر آءِ ڊي تان ڪال آئي ۽ ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، مون کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا حوصلا نٿا گهٽائي سگهجن، مون ان شخص جي طبيعت ٺڪاڻي لڳائي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته صفدر اعواڻ جي زال جو اسٽريٽجڪ ميڊيا سيل ادارن ۽ عوام ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button