اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا سان ڇنڇر ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم مملڪت بحرين جي برادر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ گهڻ وقتي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته ويجهن لاڳاپن مختلف شعبن خاص ڪري ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ گهري ٻه طرفي سهڪار جا اهم موقعا فراهم ڪيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم طرفان عيد جي مبارڪن جو جواب ڏيندي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفادن لاءِ گڏيل سهڪار کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو. پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ گهڻ وقتي دوستاڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل ايمان، گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button