اسلام آبادپاڪستان

عمران روڊن تي ڌڪا کائي پيو،ٻيهر اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي:احسن اقبال

اسلام آباد:رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان اقتدار وڃڻ کانپوءِ روڊن تي ڌڪا کائي رهيو آهي، هو ٻيهر اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي تي ملڪ توڙي ٻاهران يڪجهتي جي اظهار جا پيغام اچي رهيا آهن. هن چيو قانون اجازت ڏئي ٿو ته گوڙ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪيان پر ان واقعي ۾ عورتون ۽ ٻار شامل هئا، تنهن ڪري قانوني ڪارروائي نه ڪندس. جڏهن ته اهڙن واقعن جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن مون سان سيڪيورٽي گارڊ هجي ها يا ڪو جذباتي حمايتي ته صورتحال بگڙي پئي سگهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان نفرت جي سياست کي هٿي ڏئي رهيو آهي، عمران خان جي زهريلي سياست کي نه روڪيو ويو ته معاشري ۾ هر پاسي نفرت پکڙجي ويندي. اسان معاشري کي انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته نفرت ۽ انتهاپسندي جا نظريا ڪينسر جيان پکڙجن ٿا. احسن اقبال چيو ته عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ آڻيندڙ ان جو ڪزن ماجد خان هو، عمران خان ماڻهن کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪيو، اڄ روڊن تي ڌڪا کائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button