اسلام آباد:نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 568 ڪرونا ٽيسٽ ڪيون ويون. ڇنڇر ڏينهن اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 568 ڪرونا ٽيسٽ ڪيون ويون جن مان 732 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل وائرس جي مثبت ٽيسٽن جي شرح 3 ڏهائي 24 سيڪڙو رهي. ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 7 مريض فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 158 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close