شاهپورجهانيان ڀرسان گچيرو پراڻو جي 500 گهرن کان مٿي آبادي رکندڙ قديمي ڳوٺ ارگو ٻگهيو ۾ برسات کان پوءِ پاڻي جي نيڪال نه هجڻ ڪري ڳوٺ جي مختلف گهٽين، رستن، چوڪن ۽ چوراهن ۾ گپ ۽ پاڻي جا وڏا وڏا تلاءُ ٺهي ويا آهن، جنهن ڪري هر ننڍي توڙي وڏي گاڏي گپ ۾ سلپ ٿي رهي آهي. ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. ڳوٺ ۾ روڊن ۽ گهٽين ۾ گندي پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مليريا تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻن حافظ عبدالوحيد ٻگهيو، فضل محمد ٻگهيو، حبيب الله ٻگهيو، اقبال احمد ٻگهيو، سھيل احمد ٻگهيو ۽ ٻين ڳوٺاڻن معصوم ٻارن سان گڏجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ باوجود ڳوٺ ارگو ٻگهيو جي ڳوٺاڻن جي سار ناهي لڌي. ترقياتي ڪمن توڙي بنيادي سهولتون کان محروم آهيون. اسان سدائين پپلزپارٽي کي کٽرايو آهي پر پوءِ به اسان کي گٽرن ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close