پاڪستانسنڌ

ڪوهستان ۾ تيز برسات، نيئن جو پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو

ٿاڻو بولاخان (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڪوهستان جي ڏوراهين علائقي ڳوٺ آزاد گبول ۾ تيز برسات تباهي ڪري ڇڏي. ڳوٺ ۾ برسات کانپو جبلن تان وهي ايندڙ نئين جو پاڻي ڳوٺن ڏانهن ڪاهي پيو، جنهن سبب ڳوٺ آزاد گبول ۾ 4 گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا، گهرن ۾ رکيل لکين رپين جو سامان پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويو. ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن لياقت گبول، نبيل احمد گبول، گل حسن گبول، عبدالحميد گبول، عبدالحق گبول ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪوهستان جي ڏوراهين علائقي آزاد گبول ۾ برسات کانپو جبلن تان وهي ايندڙ تيز پاڻي جي تيز وهڪرن ڪافي نقصان ڪيو آهي، غريب ماڻهن تمام گهڻو پريشان آهن. هنن چيو ته ڳوٺ آزاد گبول ۾ علي محمد گبول، علي مراد گبول ۽ آزاد گبول جا 4 گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button