اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ (اڄ) آچر ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. هن ڏينهن تي مسلمان حضرت ابراهيم خليل الله ۽ حضرت اسماعيل ذبيح الله عليھ السلام جي سنت ادا ڪندي الله پاڪ جي راهه ۾ جانور قربان ڪندا آهن. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ملڪ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عيد نماز جا ميڙاڪا منعقد ڪيا پيا وڃن. وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسجد ۾ ٿي رهيو آهي. سڄي دنيا جا مسلمان ذوالحج جي مهيني ۾ 9 ذوالحج تي حجاز مقدس ۾ جمع ٿي حج جا فرض ادا ڪندا آهن. جڏهن ته 10 ذوالحج تي قرباني ڪندا آهن. هي قرباني الله پاڪ جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ واري ان عظيم فلسفي جي ياد ڏياري ٿي. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام الله پاڪ جي حڪم سان پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي قربان پئي ڪيو. ۽ عظيم پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام الله پاڪ جي حڪم تي پنهنجو ڪنڌ نمايو. مسلمان هر سال ان عظيم قرباني جي ياد ۾ جانور قربان ڪندا آهن. قرباني جي ادائگي کان پوءِ شهري پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن تي حاضري ڀريندا آهن ۽ انهن جي بخشش لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close