حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ راول هائوس ٽنڊو ڄام حيدرآباد ۾ عيد نماز جي ادائيگي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سمورن مسلمان ڀائرن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته هن وقت سڀ اختلاف ختم ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڪري اختلافن کي ختم ڪري اڳيان وڌڻ گهرجي، سياسي اختلافن کي ايترو سنگين نه بڻايو وڃي جو توهان جا ذاتي تعلقات به ان سبب متاثر ٿين. هن چيو ته پي پي پي سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر عمران خان نيازي پنهنجي دور ۾ سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه جا دروازا بندي ڪري ڇڏيا هئا ۽ هن فقط گارگند جي سياست کي هٿي ڏني.
اڳوڻي خاتون اول جي آڊيو ليڪ بابت سوال تي صوبائي وزير چيو ته اڳوڻي خاتون اول جهڙي غيرسياسي ۽ گهريلو خاتون تصور ڪيو ويندو آهي اها فرح گوگي سميت ٻين سياسي مخالفن خلاف پنهنجي سوشل ميڊيا تي بدتميز برگيڊ کي حڪم ڏئي رهي آهي نه فقط ايترو پر خاتون خانه ته عملدارن جون مقرريون ۽ بدليون ڪرائڻ ۾ پڻ ملوث رهي آهي. وڌندڙ مهانگائي بابت سوال تي هن چيو ته ان ڏس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت پاران غريبن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو اعلان تمام جلد سنڌ جو وڏو وزير ڪندو. ڪراچي ۾ تازين برساتن بابت سوال تي هن چيو ته رين ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پوري سنڌ جي نگراني لاءِ صوبائي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ رين ايمرجسني دوران سمورن انتظامن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ هن وقت ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اتي جي مقامي انتظاميا ڏينهن رات محنت ڪري برساتي پاڻي جي نيڪالي واري ڪم ۾ مصورف عمل آهي. جڏهن ته ڪراچي جي صورتحال ڪافي بهتر آهي.