حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهه، قتل و غارت، اغوائن، منشيات فروشي ۽ موتمار هٿيارن جي وڪرو ۾ ڌاري آبادڪاري ملوث آهي، جن کي سنڌ ۾ هڪ منظم سازش تحت آباد ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اڃا به سجاڳ نه ٿيا ته اسان سنڌين جو فلسطين کان به برو حال ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ترقي پسند ھائوس تي سنڌ جي مختلف ضلعن مان پارٽي جي آيل وفدن سان ملاقاتن دوران ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ منظم سازش تحت مختلف دنيا جي رولاڪن کي آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪي هن وقت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڦهلجي رهيا آهن.
انهن جي اچڻ سان نه صرف سنڌ جي اندر آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي پر سنڌ جو امن امان تباہه ٿي ويو آهي، مختلف ملڪن کان آيل ڌارين سنڌ جي پرامن ڌرتي کي ڏوهن، قتل و غارت، منشات فروشي، اغوائن ۽ هٿيارن کي پکيڙي ڇڏيو آهي، جنهن سان ڪنهن جي عزت، جان ۽ مال محفوظ ناهي. هاڻي ته معمولي معمولي ڳالهين تان اصل ڌرتي ڌڻين کي ننڌڪو ڪري سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ثبوت گذريل ڏينهن قاسم آباد ۾ افغانين هٿان سعيد آباد جي بلال ڪاڪا جو قتل آهي. جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. هن چيو ته سنڌي قوم کي هن وقت پنهنجي ووٽ جي طاقت جو درست استعمال ڪرڻو پوندو. ان لاءِ هاڻي پ پ جي بدران سنڌ دوست قومپرست، وطن دوست، مظلوم دوست ۽ عوام دوست ڌرين کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ پهچائڻو پوندو ته جيئن اهي سنڌ جو ڪيس ايوانن ۾ وڙهن ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن مقابلو ڪري انهن کي ايوانن مان ناڪام ڪن.