حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جي اچڻ سان ئي پوليس مقابلا شروع، حسين آباد پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڄڻا ماري ڇڏيا. مارجي ويلن جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي ۽ ڄامشورو واسي طور ٿي. خبر موجب حيدرآباد ۾ حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس دعوى ڪئي آهي ته چيڪنگ دوران ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار غلام محمد مغيري ۽ عبدالرزاق مغيري ٿڏي تي ئي مارجي ويا آهن. جوابدار غلام محمد مغيري جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ عبدالرزاق جو تعلق ڄامشورو سان ٻڌايو ويو آهي. مقابلي بعد پوليس لاش سول اسپتال پهچايا، جيڪي وارث کڻائي ويا. پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدارن جو تعلق بينڪن مان ڦرون ڪندڙ گروهه سان هو. جنهن ۾ 5 جوابدار شامل هئا.
جوابدارن حيدرآباد سميت مختلف ضلعن مان ڦرون ڪيون آهن. جوابدارن فورٽ ٿاڻي جي حد مان 17 جون تي ڪول مائنز جي ملازم حنيف شيخ کان 2 لک روپيا ڦر ڪيا. 20 جون تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد جي علائقي علمدار چوڪ تان عنايت الله ميمڻ کان 25 لک ڦر ڪيا، جيڪو پنهنجي ما سان گڏ وڃي رهيو هو. ٽنڊو آدم مان 5 لک روپيا ڦر ڪيا ويا، 4 جولا تي حالي روڊ ٿاڻي جي حد مان 25 هزار ۽ موبائل فون ڦر ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. جوابدارن خلاف 17 ڪيس داخل ٿيل آهن. ياد رهي ته حيدرآباد ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جي چارج وٺڻ بعد پوليس مقابلا شروع ٿي ويا آهن.