پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد لڳ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسي امداد علي تيوڻو کي عيد ڏينهن جهيڙي دوران زخمي ڪندڙ جوابدار پنھل رند کي آزاد ڪرڻ خلاف امداد علي تيوڻو، اختيار علي تيوڻو، علي رضا تيوڻو، ماجد تيوڻو، جاھد تيوڻو ۽ صدورو تيوڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ھنن چيو ته محمد حنيف رند، پنھل رند، شمن رند، آفتاب رند ۽ ٻين مون تي ھوٽل تي قاتلاڻو حملو ڪري زخمي ڪيو، جنهن بعد پوليس ڳري رشوت عيوض پنهل رند کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس اسان کي هراسان ڪري رهي آهي. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button