
مقصودو رندe مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پھرئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ولي محمد رند اليون جي ٽيم ٻاجهي رند اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي علي مرتضى رند جي 101 رنسن جي مدد سان مقرر 15 اوورن ۾ 205 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ٻاجهي رند اليون جي ٽيم ظھير حسين رند جي 53 رنسن جي مدد سان 14 اوورن ۾ 206 رنسون ٺاهي سيمي فائنل لا ڪواليفائي ڪري ورتو. بهترين بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ تي ولي محمد رند اليون جي مرتضى رند کي آيل معزز مھمان نثار علي رند مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو.