پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، همراهه فوت، 11 زخمي

چمبڙ: چمبڙ ڀرسان تيز رفتار موٽرساۂئيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ھڪ ماڻهو فوت ٿي ويو ۽ عورتن توڙي ٻارن سميت 11 ماڻهو زخمي ٿي پيا. چمبڙ-ٽنڊو غلام علي روڊ ليل پير اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ راڄوخاناڻي واسي 46 ورھين جو ناراۂئڻ داس ميگھواڙ ٿڏي تي فوت ويو. چنگچي رڪشا ۾ سوار چمبڙ جي ڳوٺ محمد خان مندواڻي واسي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت 11 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ 20 ورھين جو شاھين، 45 ورھين جي بيبل زال غلام رسول لغاري، 8 ورھين جو عدنان پٽ شھزاد، 17 ورھين جو روحل پٽ صوف ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن، جنھن کي مقامي ماڻھن کڻائي فوري طور چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو، جتان 4 زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. فوتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button