پاڪستانسنڌ

ارباب رحيم ۽ لطف الله ۾ ٺاهه لا کيتلاري ۾ 30 ڪلاڪن کان ڌرڻو

ڪلوئي: ارباب غلام رحيم ۽ ارباب لطف الله ۾ ٺاهه ڪرائڻ لا کيتلاري وٽ نهڙيا برادري جا ماڻهو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ارباب رحيم پاران ارباب لطف الله جي پ پ ڇڏڻ بعد ئي ڳالهيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ارباب لطف الله جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپو ارباب غلام رحيم ۽ ارباب لطف الله ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا ھئا، جن کي ٺاهڻ لاءِ نھڙيا برادري جي پاڳاري ارباب اقبال، ڏاتر ڏنو نھڙيو ۽ وسايو مورو جي اڳواڻي ۾ سئو کان وڌيڪَ ماڻھو عيد جي ٻئي ڏينهن ارباب لطف الله ۽ ارباب غلام رحيم جي گھرن اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، احتجاج ٻين برادرين جي ماڻهن به شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي 30 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذري ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ھتان ڌرڻو تيستائين ختم نه ڪنداسين، جيستائين ارباب لطف الله ۽ ارباب غلام رحيم نٿا ٺھن. رات دير سان اڳوڻي وزيراعلى سنڌ ارباب غلام رحيم کيتلاري وٽ لڳل ڌرڻي ۾ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. ارباب غلام رحيم چيو ته آئون ارباب لطف الله سان ھڪ شرط تي ڳالھيون ڪري سگھان ٿو ته ارباب لطف الله پ پ ڇڏي ۽ ايم پي اي جي سيٽ تان استعيفى ڏئي، نه ته آئون ڪي به ساڻس ڳالھيون نه ڪندس. ٻئي پاسي گذريل ڏينهن پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جو ڀاءُ ارباب امان الله پڻ پھتو، جنھن ڌرڻي واري ھنڌ مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ارباب امان چيو ته اسان پ پ کي ڇڏڻ جو سوچي به نٿا سگھون، باقي اوهان ويٺا آھيو ته ڀلي ويهو. ٻئي پاسي 30 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو جاري رهيو. مختلف علائقن مان ماڻهن جي کيتلاري وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سلسلو جاري رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button