پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان نوجوان قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد ۾ سپر سلاطين هوٽل جي مالڪ جوابدارن معمولي ڳالهه تان ماني کائڻ لا پهتل سماج سڌارڪ نوجوان بلال ڪاڪا کي ٻن ٿاڻن جي پوليس سامهون لوهي سيخون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، قتل واقعي بعد مقتول جا دوست، وارث ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ حيدرآباد سول اسپتال پهتا. قتل جو ڪيس هوٽل مالڪ جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، قتل واقعي بعد جسقم اڳواڻ، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو اڳواڻ، ڪارڪنن مقتول جي وارثن ۽ دوستن مقتول جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ بند رهي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

خبر موجب اڱاري جي رات اڍائي وڳي ڌاري حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ نسيم نگر چيڪ پوسٽ سامهون قومي شاهراهه تي قائم سپر سلاطين هوٽل تي ماني کائڻ لا پهتل بلال ڪاڪا ۽ سندس دوستن جو هوٽل جي ويٽر ۽ مالڪن سان جهيڙو ٿي پيو، جيهڙي دوران 10 کان وڌيڪ هوٽل تي ويٺل پٺاڻ برادري جي جوابدارن لوهي سيخون، گرم سريا، بوتلون ۽ پليٽون هڻي قاسم آباد جي علائقي فيز 2 جي رهواسي بلال ڪاڪا کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. قتل واقعي بعد مقتول جي ساٿين سرفراز عرف جاني سنجراڻي، عمران خان پٽ مبارڪ علي ملڪ، ذيشان پٽ انور جمالي ۽ وقار پاٽولي کي لوهي سيخن سان ڌڪ هڻي زخمي ڪيو ويو. جڏهن ته پٺاڻ برادري جو هوٽل مالڪ شاهسوار ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا. هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي، هوٽل مالڪن طرفان هوائي فائرنگ ڪري ڏهڪا پکڙيو ويو. ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جهيڙي دوران زخمي نوجوان مقتول جي ڀا سلام کي اهڙي واقعي جو اطلاع ڏنو، اوستائين پوليس پڻ پهچي وئي. هڪ وڊَيو پڻ وائرل ٿي آهي.

جنهن ۾ نوجوان جي قتل واقعي وقت نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس موبائل ۽ اهلڪار پڻ بيٺل آهن، جيڪي تماشو ڏسندا رهيا، سندن سامهون نوجوان پڻ ڀڄي رهيا آهن، ٻئي وڊيو مقتول نوجوانن ۽ هوٽل عملي جي پڻ سامهون آئي آهي. اهڙي واقعي بعد اطلاع ملڻ تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس پڻ پهچي وئي. زخمين مقتول جي وارثن کي ٻڌايو ته پوليس جي سامهون نوجوان ساٿي کي لوهي سيخن سان قتل ڪيو ويو آهي. جنهن بعد زخمي دوست رات جو 3 بجي ڌاري مقتول کي رڪشا ۾ کڻي حيدرآباد سول اسپتال پهتا. جتي مقتول جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو. مقتول جو ڀا ۽ وارث لاش قانوني ڪارروائي کانسوا نيوسعيدآباد ويجهو ڳوٺ ڳوٺ فقير محمد ڪاڪا کڻائي ويا. نوجوان جي قتل واقعي جو ٻڌي ۽ پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ۽ پوليس جي غفلت خلاف صبح جي وقت مقتول جا وارث ۽ دوست سپر سلاطين هوٽل تي پهچي ويا، پوليس جي غفلت ۽ نوجوان جي قتل واقعي خلاف سپر سلاطين هوٽل سامهون ڪالهه صبح 10 وڳي ڌاري قومي شاهراهه کي بند ڪري جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو ضلعي صدر ارشاد خاصخيلي، مقتول جي وارثن جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه کي بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي ۾ سنڌو نواز گهانگرو، پنهل ساريو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ پهتا. ڌرڻي دوران ٽريفڪ جام ٿي وئي. جنهن دوران پهرين ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڳالهين لا پهتا، جيڪي ڌرڻو ختم نه ڪرائي سگهيا، جنهن بعد ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پهتو، جنهن وارثن سان ڳالهيون ڪيون، قتل، دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري ۽ مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

ڌرڻو شام 4 بجي تائين لڳل رهيو. جنهن بعد منجهند ڌاري مقتول جو لاش حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر شهزاد آرائين پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ابتدائي طور ٻڌايو آهي ته مقتول جي جسم ۾ لوهي سيخن جا سوراخ ٿيل هئا. جسم تي تشدد پڻ ٿيل هو. پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش نيو سعيد آباد کڻائي ويا. جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد وڪيلن ۽ ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻي جي اڳيان مقتول جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس هڪ جوابدار شاهسوار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button