پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي محنت وارو وزير سعيد غني هڪ دفعو ٻيهر ڪرونا ۾ وٺجي ويو آهي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب به تيزي سان پکڙجندڙ وائرس سان متاثر ٿيو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ سعيد غني ٻڌايو ته منهنجي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان ٺيڪ نه هئي، 4 ڏينهن اڳ ٽيسٽ ڪرائڻ تي پتو پيو ته مون کي ٻيو ڀيرو ڪرونا ٿي ويو آهي. سعيد غني ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت مطابق مان پاڻ کي ماڻهن کان پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ آئسوليشن اختيار ڪئي آهي. صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪرونا وائرس جي معمولي علامتن کان علاوه منهنجي طبيعت بهتر آهي. واضح رهي ته صوبائي وزير هن کان اڳ مارچ 2020 ۾ به ڪرونا وائرس سان متاثر ٿيو هو، ان وقت به سماجي رابطن جي ويبس سائيٽ ٽيوٽر تي هڪ وڊيو ۾ صوبائي وزير جوچوڻ هو ته گذريل ڏينهن مان ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي جنهن جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي، سعيد غني مطابق پنهنجون ذميواريون گهر تي آئسوليشن ۾ رهي ادا ڪري رهيو آهيان ۽ شهري به پنهنجي گهرن تائين محدود رهن. ٻئي پاسي مرتضيٰ وهاب به ڪرونا وائرس سان متاثر ٿي ويو آهي ان ۾ ڪووڊ-19 جون علامتون ظاهر ٿيون. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان۾ مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان مان پنهنجي جسم ۾ ڪرونا وائرس جون ڪجهه علامتون محسوس ڪيون آهن. هن چيو ته ان محسوس ڪيل علامتن ۽ تبديلين کي ڏسندي مان احتياطي طور تي پاڻ کي ماڻهن کان پري رکڻ ۽ ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close