پاڪستانپنجاب

مسٽر ايڪس کي حڪم مليو آهي ته هر صورت ۾ چورن کي کٽرائڻو آهي: عمران خان

ڀڪر: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڌانڌلي جي رٿابندي جو الزام هڻندي چيو آهي ته مسٽر ايڪس کي حڪم مليو آهي ته هر صورت ۾ چورن کي کٽرائڻو آهي. چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڀڪر جي علائقي دريا خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ لوٽن جو انگ وڌندو آهي ته ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي، توهان سڀ مون سان گڏجي انهن لوٽن ۽ چورن کي شڪست ڏيو، هي چونڊون نه حقيقي جهاد ٿي رهيو آهي، هي جهاد آمريڪا جي سازش تحت مڙهيل چورن خلاف آهي، اهي 30 سالن کان ملڪ کي لُٽي رهيا آهن، مان 26 سالن کان انهن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته مان آمريڪا کي چوان ٿو امن ۾ توهان سان گڏ آهيون جنگ ۾ نه، آمريڪا سميت ڪنهن جي به غلامي نه ڪنداسين، ماڻهن کي فونون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، انهن جي ڪوشش آهي ته اسان چورن کي تسليم ڪيون پر ڪڏهن نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button