جهنگ: ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڏکيو وقت گذري ويو، هاڻي عوام کي روز خوشخبريون ملنديون، وزيراعظم شهباز شريف ڏينهن ٻن ۾ عوام لاء وڏي رليف جو اعلان ڪندو، ن ليگ جو مقابلو عمران خان سان نه نااهلي ۽ مهانگائي سان آهي. مريم نواز جهنگ پهتي، جتي چراغ آباد انٽر چينج تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. پوءِ گوجرا موڙ تي ريلي سان خطاب ڪندي مريم نواز عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿئي؟ جيڪڏهن چاهيو ٿا پنجاب ترقي ڪري ته شينهن کي ووٽ ڏيو. هن چيو ته ن ليگ جو مقابلو عمران خان سان نه مهانگائي سان آهي، ن ليگ جو مقابلو عمران خان سان نه نااهلي سان آهي، پنجاب دشمني سان آهي. سندس چوڻ هو واعدو ڪيو ته 17 جولاءِ تي گهر نه ويهندئو ۽ پنجاب جي دشمنن کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪندئو، شينهن تي ٺپو هڻو، واعدو ٿي ڪيان ته عوام جي قسمت تبديل ڪرڻ تائين سڪون سان نه ويهنديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close