پاڪستانسنڌ

شاهنواز جوڻيجو جي وڇوڙي کي 17 سال مڪمل، اڄ ورسي

ٽنڊوآدم: سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي وڇوڙي کي 17 ورهين ٿي ويا. سندس اڄ سادگي سان ورسي ملهائي ويندي. سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير شاهنواز جوڻيجو کي وڇڙي 17 ورهين وهامي ويا آھن. اڄ ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ڪرونا وائرس ۽ برساتن سبب ورسي جي مک تقريب ملتوي ڪئي وئي آھي، تنهن هوندي به جوڻيجو ڪٽنب پاران شاهنواز جوڻيجو جي ورسي انتهائي سادگي سان ملهائي پئي وڃي. فجر نماز کانپو قرآن خواني ٿيندي، جنهن بعد سندس فرزند پ پ ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو، اڳواڻو ايم اين اي محمد خان جوڻيجو، علاءُ الدين جوڻيجو ۽ اصغر جوڻيجو سميت ڪٽنب جا ڀاتي سندس آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهرندا. شاهنواز جوڻيجو سياست جي شروعات مڪاني چونڊن کان ڪئي، هن پهريون ڀيرو پارلياماني سياست ۾ 1988ع جي چونڊن ۾ پ پ ٽڪيٽ تي اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏئي پير پاتو. کيس شهيد بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مملڪتي وزير بڻايو ويو. شاهنواز جوڻيجو انگريز دور ، ڀٽو دور ، ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ ڪيترا ڀيرا جيل ياترائون ڪيون. سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ جو حوالو سياست کانسواءِ راڄوڻي فيصلن ۽ سنڌ جي ثقافت جي امين طور بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button