جهنگ/ليا :پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سريلنڪا ۾ شريف خاندان جهڙو طبقو حڪومت ڪري رهيو هو، اهي ارب پتي بڻجي ويا ۽ هاڻي سريلنڪا جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. بدقسمتي سان ملڪ ۾ ايمانداري سان هلڻ ناهي ڏنو ويندو.چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جهنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان غيرتمند قوم آهيون، لوٽو اهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ضمير جو سودو ڪندو آهي. مسلمان جي ضمير جي ڪا قيمت ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته اسان سچ تي بيٺا آهيون. هن چيو ته اسان جو ملڪ عظيم ملڪ ناهي بڻجي سگھيو، ڇاڪاڻ ته اسان اصولن تي ناهيون هليا، اسان کي 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون پنهنجي مستقبل لاءِ کٽڻيون آهن، اسان کي آمريڪي غلامن کان ملڪ کي بچائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سرڪاري بينڪن مان پئسا کڻي فيڪٽريون ٺهرايون ۽ اقتدار ۾ اچي پئسو معاف ڪرائي ڇڏيو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ايمانداري سان هلڻ ناهي ڏنو ويندو. ننڍي چونڊن جي حوالي سان عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لڪي لڪي مريم نواز ۽ حمزا شهباز سان ملندو رهيو، ان باوجود سموري قوم اسان سان بيٺي آهي، انهن کي اهڙي شڪست ڏيو جو ياد رکن. هن چيو ته مان ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ قانون به جوڙايو پر نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خاندان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر به اي وي ايم نه اچڻ ڏني. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر انهن جو ملازم آهي، انهن کان پگھار وٺندو آهي. سنڌ ۾ جيئن مڪاني چونڊون ٿيون، ان تي اليڪشن ڪميشن کي قدم کڻڻ گھرجي. جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم به ڌانڌلي جي دانهن ڪئي، سنڌ ۾ ڌانڌلي تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ اخلاقي جرئت هجي ها ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها. عمران خان چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان اقتدار ۾ آهن، اهي به اليڪشن ڏسندا آهن ته جڏهن چاهين نتيجو ڪڍرائين. هنن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) کي به اچڻ نه ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close