اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدي تي اصولي اتفاق

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري)پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول جي معاهدي تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جي معاهدي جو باضابطا اعلان جلد ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ کي منظوري لا پيش ڪيو ويندو. ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي ايندڙ قسط ملندي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان ايندڙ ٻه قسطون گڏ ملنديون. آءِ ايم ايف سان رٿيل پروگرام سان ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سميت ٻين ڊونرز کي روڪيل فنانسنگ ملڻ شروع ٿي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته چونڊيل نمائندن جا اثاثا ظاهر ڪيا وڃن. ان کان علاوه آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي سرڪاري ملازمن جا اثاثا ظاهر ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي احتساب بابت آئيني ترميمن تي به خدشا آهن. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ پيٽروليم ۽ توانائي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو هو ته آءِ ايم ايف سان معاملا هڪ اڌ هفتي ۾ طئي ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button