سنڌ

لياري ۾ 4 ماڙ عمارت ڊهي پئي، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي ۾ لياري جي علائقي نياآباد ۾ چار ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ذريعن مطابق فوتي شخص جي سڃاڻپ شاهد جي نالي سان ٿي آهي، چار ماڙ عمارت ڀتي هجڻ سبب خالي هئي، پوليس مطابق عمارت جي گئلري جو ڪجهه حصو ٻه ڏينهن اڳ برسات دوران ڪري پيو هو، ڪريل عمارت هيٺان دٻجي هڪ رڪشا به تباهه ٿي ويو آهي. پوليس جوچوڻ آهي ته ڪريل عمارت جو ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي. رينجرز به ٿڏي تي پهتي. پوليس ٻڌايو ته عمارت ۾ هڪ مڪينڪ جو دڪان به هو. ٻئي پاسي سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت عمارت ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ڊي سي ڏکڻ کي واقعي واري هنڌ جو دورو رڪڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان به ڪريل عمارت بابت رپورٽ گهري آهي. هن چيف سيڪريٽري جي ايس بي سي اي کي هدايت ڪئي ته شهر جي سمورين خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button